اسلام آباد – 24 – ??سم??ر (اي پي پي) پاڪستاني جي باني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رحه جو 144 هون جنم ڏينهن اڄ 25 ??سم??ر جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ?? جذبي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن پاران پروقار تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرن، مباحثن جو انعقاد ڪيو ويندو، ڏينهن جي مناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب به منعقد ٿيندي.