اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??وج??ده حڪومت جو مديني جي رياست جو تصور علامه اقبال جي مسلمانن جي نشاته ثانيه جي پيغام جي عين موجب آهي. ڪنهن کي ان معاملي تي طنز نه ڪرڻ گهرجي، دنيا جا ڪجهه ملڪ نشاته ثانيه جي معاملي تي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عمران خان جهڙو اڳواڻ ان معاملي تي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، علامه اقبال هندستان ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي ا??تحصال جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها اڄ سچ ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي ح??الي سان اي??بي??ڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.