اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ??مران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ??اڪستان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ف??صلا ختم ٿي ??يا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم ??فيس مان لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پورٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم ??فيس ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 ?? 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پورٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪيون آهن، ا?? تي سٽيزن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ادارن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، ا??هن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتون ڪري سگهجن.