اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحافين جي مس??لن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي برادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو اسان کي ڪرڻو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح ??ي ڪشمير مس??لي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ??يو ??هي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.