اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سا?? پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سا?? ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سا?? پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، ??عدنيات، سياحت، ??اهيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.