اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ و??ن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آفشور پاڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جاري ڪرڻ ۽ گئس فيلڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فراهمي جي ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت ناڻي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبد??لح??يظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ رابطا ڪم??ٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي و??ن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني قيمت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم رکڻ جي لا??ِ ??رتلافي جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.