اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي ش??وع ٿي، هن پاڪستان جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪر?? ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا ??ور ڪندڙ پاڪستان جي عوام جو د??ست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪر??نا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.