اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ??ينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو رو?? ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ??ينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ??ينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.