اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي سس??ي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو و??عد?? پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبقن کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي ??ي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.