اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قو?? لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان ??ي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهن??ي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي قو?? ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل ق??بانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي ??ستحڪم ڪرڻ ۽ قو?? کي ??تحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي ??ڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي ??ياقت علي خان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قو??ي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قو?? جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.