اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي اتفاق راءِ سان هر سال 24 جون تي سفارتڪاري ۾ عورتن جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب وزيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ??لڪ جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شا??دار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪارن جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح تي وق??ر سان گڏ پاڪستان جي ن??ائ??دگي ڪري رهيون آهن. نائب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.