اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، وزيرا??ظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عه?? شيخ محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شيخ زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شيخ خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن کي قابليت سان اڳتي وڌايو. وزيرا??ظم شهباز شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخ زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، شيخ خليفه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مس??سل محنت سان شيخ خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ويزن کي نئين بلندين تي پهچايو، شيخ خليفه مرحوم پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهندو هو، وزيرا??ظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شيخ زيد وانگر شيخ خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، وزيرا??ظم مرحوم جي بلند درجن ۽ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.