اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ الفلاح کي بئنڪنگ فراڊ کان متاثره شهرين کي 19 لک رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ صا??فين کي انٽرنيٽ بئنڪنگ، ڊيجيٽل خدمتن، فراڊ کان بچڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن بابت آگاهه ڪري، لاهور جي شهري محمد شهزاد اي ٽي ايم مان رقم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي اڪائونٽ ۾ ڪافي رقم هئي جڏهن ته ان جي روڪ رقم نه نڪتي. بعد ۾ انڪوائري مان خبر پئي ته ان جي اڪائونٽ مان 1479255 رپين جي رقم غيرقانوني طريقي سان ڪڍي وئي، خبر پئي ته بئنڪ رجسٽرڊ فون نمبر تان فون ڪال ملڻ کانپوءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح ان جي اڪائونٽ مان رقم ڪنهن ٻئي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي. ڄاڻايل صا??ف بئنڪ ۾ شڪايت داخل ڪرائي پر اها حل نه ٿي. اهڙي طرح گوجرانوالا جي شهري اسماءَ عتيق کي ڄاڻايل بئنڪ جي هيلپ لائين تان ڪال آئي. عورت ذاتي ڊيٽا ڪال ڪندڙ سان شيئر ڪئي، اڪائونٽ مان 499400 رپين جي رقم ڪڍي وئي. شهرين رقم جي واپسي لاءِ بئنڪ سان رجوع ڪيو، پر بئنڪ ان جي رقم واپس نه ڪئي. ٻنهي شڪايت ڪندڙن پنهنجي سڪايتن جي ازالي لاءِ جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن تي بئنڪنگ محتسب وڃايل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئنڪ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي دوران بئنڪ گذارش ڪئي ته صا??فين ذاتي بئنڪنگ تفصيل ??امعلوم ماڻهن سان شيئر ڪئي، بئنڪ رقم جي نقصان جي ذميوار نه آهي. صدر بئنڪ جون درخواستون ان بنياد تي رد ڪري ڇڏيون ته بئنڪ اڪائونٽ هولڊرز جي رضامندي/ درخواست کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪيو. صدر چيو ته بئنڪن جي اولين ذميواري آهي ته اهي صا??فين جي مفادن جو تحفظ ڪن، بئنڪن پاران صا??فين جي مفادن جي تحفظ لاءِ مضبوط نظام ناهي هنيو ويو، ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن چينل فعال ڪرڻ کان اڳ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن بابت صا??فين کي آگاهه نه ڪيو. صدر چيو ته ڄاڻايل بئنڪ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي قاعدن ۽ ضابطن سان غفلت ۽ عدم تعميل جي مرتڪب ٿي، اسٽيٽ بئنڪ جي لاڳاپيل ق??نونن، قاعدن ۽ ضابطن جي شقن جي تعميل جي حوالي سان ڪو ??بوت پيش نه ڪيو ويو، بئنڪ قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي، بدانتظامي جي مرتڪب ٿي، محتسب جي اصل فيصلن کي رد ڪرڻ جو ڪو ??واز فراهم نه ڪيو ويو. محتسب جي اصل فيصلن ۾ ڪا خامي نه آهي، بئنڪ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.