اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي قطر جي امير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ نائب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي جواب ۾ وز??را??ظم ش??باز شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وز??را??ظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وز??را??ظم ش??باز شريف وڌيڪ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي ??در ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. وز??را??ظم ش??باز شريف چيو ته قطر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. وز??را??ظم ش??باز شريف قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.