اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ??نشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، اسان ??نشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن ??وه??ن ۽ توهان ??و والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبرن جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئين جي روح کي ??وه??ن ۽ توهان ??و والد متاثر ڪري رهيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان ??نهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان ??و ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي ??مج??ن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان ??هن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪستان ??ي باشعور عوام ??مج??ي ٿي ته انهن جي ”ان هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان ??و خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊر ??وه??ن کي ??مج??ي ٿي ته اها توهان ??ي غط فهمي آهي، توهان ??و نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ??و هر شعور رکندڙ شهري ??مج??ي چڪو آهي ته ان ”ان هولي الائنس“ جو مقصد عمران ??ان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان ??مران ??ان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چيو ته ڇا ان ??ي يقيني جي ڪيفيت سان پاڪستان ??ي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان ??ي يقيني جي ڪيفيت سان ??وهان ??فغانستان ??ي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيو، توهان ??نيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو آهي، انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن ??هي توهان ??ي ماضي کان ??افل آهن؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان ??ندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟