اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي شعبي جي حوالي س??ن اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي ??راهمي، صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت ملڪ جي ??ٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ جي ??اءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي ??ڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صحت جي ??ڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت و??ائ?? جي ??اءِ حڪومت عالمي معيار جي ??ريننگ جي ??راهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ??دمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي آهي جنهن جي عالمي س??ح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي س??ن پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي س??ن جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي.