اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تع??يم جي فروغ لاءِ پنهنجي تع??يمي نظام جي سگهه ۽ ??وق??ن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تع??يمي نظام ۾ آن لائين تع??يم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني کي تع??يم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تع??يم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏنو جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تع??يم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تع??يم ۽ جديد مهارتن جي تع??يم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني ??سيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن ??وق??ن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ج?? تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني شا??رد?? ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع ??وق??ا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع ??وق??ا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.