اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آ??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آ??ي. ??اور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حسن بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آه??. صدر بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آه??.