اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي پنجگور حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 8 جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب صدر عارف علوي پنجگور شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي حوالدار نذير، لانس نائيڪ عظمت، لانس نائيڪ محمد عيسيٰ جي وارثن سان ڳالهائيندي افسوس جو اظهار ??يو. صدر سپاهي فرزند علي، سپاهي عمر، سپاهي نويد جي پونيئرن سان پڻ ا??سوس جو اظهار ??يو. صدر پونئيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نائيڪ طاهر ۽ لانس نائيڪ بابر کي پڻ شهادت ماڻڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.