اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي، اسان جي حڪومت کي چار بحران ورثي ۾ مليا هئا، اسان انهن مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏنو، هاڻي مهانگائي کي به منهن ڏينداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اوڳاڙين ۾ اضافي سان گڏوگڏ انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي اسلام?? فلاحي رياست بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو، اسان انهي رستي تي ڪاربند آهيون، ڪورونا جي پنجين لهر دوران ڪاروبار مڪمل بند نه ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چ??و ته مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ پئي چاهيا پر اتي اين آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا ۽ مون کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿا ڏين. هن چ??و ته مون هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو جنهن تي چيو و??و ته هي مذهب جي پٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي الله سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير سڃاڻيندو به نه هو، 25 سال اڳ آئون اسلام?? فلاحي رياست جي منشور سان گڏ سياست ۾ آيس، مون ??ڏه?? به نه چ??و ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائيندس. هن چ??و ته جيستائين هن ملڪ کي ٺاهڻ جي مقصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چ??و ته هن ملڪ ۾ سٺا صحافي به آهن پر ڪجهه صحافي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو اهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪ??نٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري سڄو دٻاءُ رپئي جي قدر تي پيو، ٻيو مسئلو ڪورونا جي ڪري شين جي سپلائي ۾ کوٽ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ان سان پاڪستان اڪيلو متاثر نه ٿيو، دنيا جا ترقي يافته ملڪ به ان کان متاثر ٿيا، ڪورونا صديءَ جي سڀ کان وڏي وبا هئي، اسان جي قدمن کي دنيا جي ٽن ڪامياب ملڪن جي سرفهرست ۾ رکيو ويو آهي. هن چ??و ته ڪورونا جي پنجين لهر مان به ڪاميابي سان نڪرنداسين. صدارتي نظام جي حوالي سان هن چ??و ته مون شروع ۾ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ملڪ جي وڏن ڌاڙيلن سان ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه نه ڪندس، آئون انهي مافيا جي خلاف سياست ۾ آيس، جنهن کي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي. هن چ??و ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي. هن چ??و ته ملڪ ۾ آبادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان به پوري دنيا جو حصو آهيون، پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي، حڪومت انهن جي مدد ڪندي.