اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، نئين ايل اين جي ٽرم??نل?? هڻڻ ۽ ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبو وڌيڪ دير کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت پاڪستان ۾ گئس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وير شوڪت فياض ترين، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي خاص معاون محمود مولوي ۽ لاڳاپيل آفيسن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??لڪ ۾ گئس جي طلب، ملڪي ذخيرن مان فراهمي ۽ ايل اين جي جي کوٽ ۽ درآمد بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا سرديءَ جي موسم ۾ وڌي 6000 کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي موجوده سپلائي 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهٽ ٿي رهي آهي، ان جي ڪري گئس جي کوٽ پوري ڪررڻ جي لاءِ ايل اين جي درآمد ڪرڻي پوي ٿي. موجوده انفراسٽرڪچر سان سردين ۾ اٽڪل 1000 ايم ايم سي ايف ڊي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف آپشنز اختيار ??يا پيا وڃن، مختصر مدي جي لاءِ گهريلو ٽرم??نل?? جي موجوده صلاحيت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ورچوئل پائيپ لائين لائيسنس جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ نئين ايل اين جي ٽرم??نل?? هڻڻ جو ڪم جاري آهي ۽ سمورين رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ڇو ته اهو قدرتي گئس جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي ??ئين ايل اين جي ٽرم??نل?? هڻڻ ۽ سيڙپڪارن پاران ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت، پيٽروليم وزارت ۽ اوگرا کي ??دايت ڪئي وئي آ??ي ته اهي هڪ ٻئي سان رابطو رکن ۽ سيڙپڪارن سميت ٻين سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. وزيراعظم نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل مقرر مدي ۾ وڌيڪ دير کانسواءِ ان تي عملدرآمد کي ??قيني بڻايو وڃي.