اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف پاڻ واپس نٿو اچي، کيس اسان واپس آڻينداسين، مخالف ڌر ۾ ڏهاڙيدار سياستدان پنهنجي ڏهاڙي لڳائيندا آهن، مولانا فضل الرحمان ٽن سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي ??ڪومت جي پهرين ئي سال مولانا فضل الرحمان ڪاٺ ڪٻاڙ کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، حڪومت ڪيرائڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي، ان لاءِ ليڊرشپ جي ??رورت هوندي آهي جيڪا وٽس نه آهي، راڻا شميم جي ??لفي بيان کانپوءِ معلوم ٿيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ڪيترو وڏو سيسيلين مافيا آهي، اهي عدالتن تي دٻاءُ وجهي ڪيسن کي پنهنجي ??ق ۾ ڪرائڻ چاهيندا آهن، وفاقي ڪابينا قومي سلامتي جي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پهريون ڀيرو اسان هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي سان گڏ انٽرنل پاليسي ۽ فوڊ سيڪيورتي پاليسي سميت ٻين وزارتن جون پاليسيون به جڙيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف به ساڻس گڏ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پهريون ڀيرو قومي سلامتي جي پاليسي ۾ جيو اسٽريٽجڪ پاليسي سان گڏ اڪنامڪ اسٽريٽجي کي به ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن معيشت طاقتور ناهي ته سلامتي جي گارنٽي نٿي ٿي سگهي، جيستائين عام ماڻهو معاشي، سماجي ۽ قانوني طور تي مطئمن نه هوندو، ملڪ جي ??يڪيورٽي کي خطرو لاحق رهندو. هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي ۾ عام ماڻهو تي فوڪس ڪيو ويو آهي. 2014ع ۾ ا?? پاليسي تي ڪم شروع ٿيو هو، 2021ع ۾ ا?? پاليسي جي منظوري ٿي، پاليسي جي منظوري ۾ تقريبن 9 سال لڳا، 18 مختلف وزارتن جو ان پٽ ان ۾ شامل آهي. هن چيو ته ماضي ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي موقف تي اتفاق نه هو، پهريون ڀيرو هڪ اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جيڪا سمورن راين کي گڏ ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پهريون ڀيرو اسان هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي سان گڏ انٽرنل پاليسي ۽ فوڊ سيڪيورٽي پاليسي سميت ٻين وزارتن جون پاليسيون به ڳنڍيل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا کي يوريا جي پيداوار تي به بريفنگ ڏني وئي، هن وقت پاڪستان ۾ زرعي شعبو حڪومت جي ??هم ترجيح آهي، گذريل ٻن سالن ۾ زرعي پيداوار ۾ بي پناهه ڪاميابيون مليون آهن. اسان جي ڪپهه، ڪمند، چانور ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ بهتري آئي آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي ??اريخي پيداوار ٿي آهي، 1100 ارب روپيا اضافي زرعي شعبي ۾ ويا، رورل سيڪٽر ۾ ٽريڪٽرن، موٽر سائيڪلن، زرعي دوائن جي ??ريداري ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته عالمي منڊي ۾ ڊي اي پي جي قيمت تقريبن 12 هزار روپيا ٿي وئي آهي، ڊي اي پي پاڪستان نٿو ٺاهي، 70 سيڪڙو ڊي اي پي درآمد ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته گئس جي ??حران جي ??اوجود اسان يوريا پلانٽس کي گئس فراهم ڪئي، هن سال پاڪستان ۾ يوريا جي ??اريخي پيداوار ٿي، عالمي منڊي ۾ يوريا جي قيمت 10500 روپين جي لڳ ڀڳ آهي، پاڪستان ۾ يوريا جي قيمت 1700 روپين کان 1900 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چيو ته عالمي منڊي ۾ وڌندڙ قيمتن جي ڪري پاڪستان ۾ يوريا جي کوٽ ڪيترن ئي جاين تي محسوس ٿي، اسان وٽ يوريا جو وڏو ذخيرو موجود آهي، قيمتون به مستحڪم آهن، پيداوار به ٺيڪ آهي پر ڪجهه جاين تي ذخيرو اندوزي ۽ اسمگلنگ جون شڪايتون سامهون آيون آهن، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ يوريا اسمگل ٿئي ته تقريبن 80 لک روپين تائين ڪمائي سگهجن ٿا، هن چيو ته ڪابينا پنجاب حڪومت کي چيو آهي ته يوريا جي ??خيرو اندزوي ۽ اسمگلنگ تي ڀرپور ڪارروائي ڪري، يوريا جي هٿرادو کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. 48 ڪلاڪن ۾ واضح بهتري اچي ويندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا پارليامينٽ ميمبرن جي 2019ع جي ٽيڪس ڊائريڪٽري شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاڪستان ۾ صرف سياستدان ئي آهن جنهن جا ٽيڪسز عوام جي ??امهون آيا آهن، باقي ڪنهن شعبي ۾ ا??تري اڪائونٽيبلٽي نه آهي جيتري سياستدانن لاءِ آهي. هن چيو ته عمران خان هڪ اهڙي حڪومت قائم ڪئي جنهن جو بنياد شفافيت تي ٻڌل آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته سياستدانن ۽ سندس خاندانن جا اثاثا اسان جي ??امهون آهن، نئين ڊائريڪٽري جي نتيجي ۾ ٽيڪس جون ادائيگيون به سامهون اچي وينديون. وفاقي وزير چيو ته ناڻي واري وزارت جي ??فارش تي هائوس بلڊنگ فنانس ڪپني لميٽيڊ جي ??ورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏني وئي آهي، شهزاد نقوي، فائزه ڪپاڊيه، ياسمين لاري، عدنان علي ۽ عمران احد هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني لميٽيڊ جي ??ورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل هوندا، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده چيئرمين مسعود نقوي جي ??ستعيفا منظور ڪندي محمود مانڊوي والا کي بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت جي ??فارش تي ڪابينا مانيٽري اينڊ فسڪل پاليسيز ڪوآرڊينيشن بورڊ تي مشهور اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اعجاز نبي کي نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني، وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ سمورن تعليمي بورڊن جي نگراني ۾ ا??تحانن جي معيار کي هڪجهڙو بڻائڻ، تعليمي دستاويزن جي ??صديق ۽ بورڊ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ لاءِ ڪابينا انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ايڪٽ 2021ع جي مسودي جي ??صولي منظوري ڏني، هن چيو ته ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ??فارش تي محمد عاصم کي پيمرا جي ??يگزيڪيٽو ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته ڪابينا سٽيزن ڪلب بلڊنگ ايف نائن پارڪ اسلام آباد کي گنڌارا هيريٽيج اينڊ ڪلچرل سينٽر ۾ قائم ڪرڻ جي لاءِ مينيجمينٽ ڪميٽي جي ??وڙجڪ جي منظوري ڏني، ڪميٽي جي نگراني وزيراعظم ڪندو ۽ مينيجمينٽ ڪميٽي ۾ تعليم وارو وفاقي وزير، گهرو وزارت جو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ثقافت جي ??عبي سان جڙيل مشهور شخصيتون شامل هونديون، هن چيو ته ڪابينا نازيه شاهين ۽ شبر عباس جي ??لاف ايڪسٽريڊيشن جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منطوري ڏني، ٻنهي جوابدارن جي ??حويل لاءِ اٽلي جي ??ڪومت مطالبو ڪيو هو ته جيئن انهن جي ??لاف قتل ڪيس جي ڪارروائي ڪري سگهجي. اهڙي طرح ڪابينا محمد عثمان جي ??لاف ايڪسٽريڊيشن جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ??ه منظوري ڏني، محمد عثمان جي ??حويل لاءِ متحده عرب امارات مطالبو ڪيو هو ته جيئن ان جي ??لاف قتل ڪيس جي ڪارروائي ڪري سگهجي، ڪابينا لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??فارش تي بئنڪنگ ڪورٽ نمبر 1 کي ملتان کان ڊيره غازي خان منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جئين ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ بئنڪاري بابت التوا ۾ پيل ڪيسز جلد اڪلائي سگهجن، هن چيو ته ڪابينا گوادر ۾ 1.2 ملين گيلن روزاني سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جي لاءِ معاهدي جي ??يڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني آهي، هن چيو ته اهو منصوبو سي پيڪ تحت 2.2 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي سان گوادر جي ??هواسين جي لاءِ صاف پاڻي جي ??هولت مهيا ٿي سگهندي، هن چيو ته گوادر ۾ تازي احتجاج جي موقعي تي اسان جي وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ زبيده جلال صاف پاڻي جو منصوبو ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، هاڻي اهو واعدو پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڊاڪٽر شائسته ذيشان کي چئن سالن جي مدي لاءِ نيشنل ميڊيڪل اٿارٽي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ??يگزيڪيٽو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا ڊرگز ريگوليٽري اٿارٽي جي ??فارش تي ٽن دوائن جي فارموليشن ۾ تبديلي ڪرڻ جي ??جازت ڏني تنهن هوندي به انهن دوائن جي وڪري جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه هوندي، هن چيو ته ڪابينا اين ڊي ايم اي جي ??فارش تي ڪيوبا جي لاءِ ڪورنا وبا جي ڪري 23.3 ملين روپين جي ماليت جُون امدادي شيون موڪلڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ 10 هزار اين 95 ماسڪ، 50 هزار فيس ماسڪ، 10 هزار حفاظتي سوٽ، 10 هزار حفاظتي گائون شامل آهن. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ ڪووڊ جو پهريون ڪيس آيو ته هن وقت اسان اهي شيون درآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ مون کي خوشي آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪيا، انهن جي ڪري اڄ پاڪستان دنيا ۾ ڪووڊ مٽيريل فراهم ڪندڙ وڏو برآمدي ملڪ بڻجي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا منصوبابندي واري وزارت جي ??فارش تي پاڪستان پلاننگ اينڊ مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ بل 2021ع جو مسودو قانون واري ڪميٽي جي ??امهون پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان قانون سان پي پي ايم آءِ کي خودمختيار حيثيت حاصل هوندي، هن چيو ته ڪابينا ڪميٽي اداره جاتي سڌارن جي پهرين ڊسمبر 2021ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي، وزارتن کي حق ڏنو ويو ته اهو خالي جاين تي ڇهه مهينن لاءِ عارضي طور تي ڀرتيون ڪري سگهنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا قانون بابت ڪميٽي هي 16 ۽ 17 ڊسمبر 2021ع کي منعقده اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي جنهن ۾ قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021ع جو مسودو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ 2021ع جي ??وڙجڪ، سيڪيورٽيز اينڊ فيوچرز مارڪيٽ بل 2021ع جي منظوري، پاسپورٽ رولز 2021ع جو مسودو، ٽرانسفر آف ريزيڊوئل (Residual) آئل ريگوليٽري فنڪشنز ٽو اوگرا، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع شامل آهن، هن ٻڌايو ته ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ريٽرنز اينڊ ري ايڊميشن ٻطرفي معاهدو صحيح ڪرڻ جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي، معاهدي جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير، گهرو وزير، انساني حقن واري وزير، احتساب واري خاص مددگار تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي صحافين جي ??والن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان ٽن سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته پهرين سال ئي مولانا فضل الرحمان ڪاٺ ڪٻاڙ کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، سندس خيال هو ته اسان حڪومت اونڌي ڪري ڇڏينداسين، هر ٽن مهينن کانپوءِ اهي نئين تاريخ ڏيندا آيا آهن، ميڊيا کي انهن ٽن سالن جا بيان سامهون آڻڻ گهرجن، هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ ان جي وس جي ڳالهه نه آهي، ان لاءِ ليڊرشپ جي ??رورت هوندي آهي جيڪا ان وٽ نه آهي، اهي پنهنجي ڪارڪنن کي صرف چورن وڪرو ڪري رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته مخالف ڌر ۾ هوندي عمران خان کيس لوهه جا چڻا چٻرايا هئا، هن چيو ته مخالف ڌر ۾ ڏهاڙيدار سياستدان آهن اهي پنهنجي ڏهاڙيدار لڳائيندا آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته راڻا شميم جي ??لفي بيان کانپوءِ معلوم ٿيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ڪيترو وڏو سيسيلين مافيا آهي، اهي عدالتن تي دٻاءُ وجهي ڪيسن جو پنهنجي ??ق ۾ فيصلو ڪرائڻ چاهين ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاڻ واپس نه اچي رهيو آهي، کيس اسان واپس آڻينداسين، برطانيه سان ان حوالي سان ڪافي حد تائين معاملا طئي ٿي چڪا آهن، نواز شريف جي واپسي جي ??اري ۾ ا??از صادق جي ??يان سان جاتي امرا وارن جي ??ل بيهجي وئي آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته پارليامينٽ ۾ مني بجيٽ نه اسان جو ايڊجسٽمينٽس جي ??والي سان بل پيش ڪيو پيو وڃي، اهو بل انهي سيشن ۾ پاس ٿي ويندو، ڪابينا ۾ ا?? تي شروعاتي بحث ٿيو آهي، هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري جيڪو ڪجهه پاڪستان سان ڪري ويا آهن، ان جي نتيجي ۾ اڄ اسان کي معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، مخالف ڌر ان تي ڳالهيون ڪرڻ بدران ان جو متبادل سامهون کڻي اچي.