اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊ??نگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ مني لانڊ??نگ جي روڪٿام جي قدمن جي حوا??ي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي وا??ي صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وا??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊ??نگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن قدمن جو مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فر?? اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي مني لانڊ??نگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.