اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ب??طانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ب??طانوي پارليامينٽ ??ي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي ??رطانيه جي ??ازي دوران دوران ب??طانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون ب??طانوي هم منصب کي افغانستان جي ??ڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ??والي سان پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ??ازي برطانيه جي ??وري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ ??ي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي ??والي سان ب??طانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکا?? ڪئي.