اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊي??مارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لا??ِ عالمي ??را??ري افغان عوام جي مدد لا??ِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊي??مارڪ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊي??ش وفد جي قيادت ڊي??مارڪ جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊي??مارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي مدد تي اسان ڊي??مارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لا??ِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊي??س ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊي??مارڪ جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊي??مارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني ??ابطن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊي??س شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي ??را??ري افغانستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لا??ِ عالمي ??را??ري افغانستان جي مدد لا??ِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغانستان ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊي??ش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني ??و مطالبو ڪيو. ڊي??ش پرڏيهي وزير ڊي??ش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.