اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو باصلاحيت نوجوان آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار نوجوانن جي ترقي تي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪ??ئونسل جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ??اڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، صوبائي وزيرن راءِ تيمور خان ڀٽي، راجا ناصر علي خان مقپون ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي رهي آهي، ڪاميابي جو رستو جدوجهد جو رستو آهي، پاڪستان ۾ نوجوانن جو تناسب وڌيڪ هجڻ ملڪ جي خوش قسمتي ??هي. هن چيو ته ليڊر سدائين سچو ۽ ايماندار هوندو آهي، هن نوجوانن تي ??ر ڏنو ته هو سچ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪي روانگي واپار صرف 20 ارب ڊالر هو، حڪومت جي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان وسيلن جي دولت سان مالا مال آهي اسان جو سڀ کانو ڏو سرمايو باصلاحيت افرادي قوت يعني نوجوان آهن،
ان موقعي تي ??اص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام تحت قائم ٿيل نيشنل يوٿ ڪ??ئونسل ۽ نوجوانن جي لاءِ کنيل قدمن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل يوٿ ڊولپمينٽ فريم ورڪ 6 شعبن تي ??صوصي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ، معاشرتي ??عتبار سان نظرانداز نوجوانن کي قو??ي ڌارا ۾ واپس آڻڻ شامل آهي، صحت، نوجوانن کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي ??ڌارا، سوڪ انگيجمينٽ به فريم ورڪ جو حصو آهن، ان کانسواءِ روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري به فريم ورڪ جي 6 شعبن ۾ شامل آهي،
هن ٻڌايو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 2023ع تائين نوجوانن ۾ معاشي خودمختياري ۽ يوٿ انٽرپرونيورشپ لاءِ 100 ارب روپيا ورهايا ويندا، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان هنرمند پروگرام تحت 2 لک نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا، ڪامياب جوان مرڪز، ٽيلنٽ هنٽ، راندين جي اڪيڊميز گرين يوٿ موومينٽ ۽ انوويشن ليگ به منصوبي جو حصو آهن، يوٿ ڪ??ئونسل ۾ پوري ملڪ جي مختلف شعبن مان 33 نوجوان شريڪ آهن، نوجوانن جي چونڊن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن، ٽرانس جينڊرز، اقليتن، جسماني طور تي معذور ماڻهن، مرد ۽ عورتن جي برابر نمائندگي جو خاص خيال رکيو ويو آهي.