اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن عالمي دنيا کي وڻ پوکڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي مشعل راهه بڻائڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي، اهو خوش آئنده امر آهي، اڄ دنيا ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو ته دنيا وزيراعظم عمران خان جي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان قدمن جو اعتراف ڪري رهي آهي.