دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آه??، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آه?? جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آه??ون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن ج??هن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي لاءِ ضروري آه??، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آه??، ان کي امن جي ضرورت آه??، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن ج??هن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آه??، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آه??، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آه??، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آه??، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پور?? ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آه??. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان ج??هن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.