اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي ب??يادي ح??ن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان سوئيٽ هوم جي خصوصي ٻارن جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. اسپيڪر خصوصي تقريب ۾ گهرائڻ تي انتظاميا جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سوئيٽ هومز کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته هو شوڪت خانم جو چندو گڏ ڪرڻ جي مه?? ۾ عمران خان سان گڏ رهيو آهي، بحيثيت سماجي ڪارڪن عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيس، قومي اسيمبلي کان وڏو ڪو فورم نه آهي ۽ خصوصي ماڻهن بابت هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اسپيڪر معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طب??ن جي لاءِ قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم جو احساس پروگرام ساراهه جوڳو آهي، پناهگاهه جي پروگرام سان ڪير بکيو نه سمهندو. اسپيڪر چيو ته هو هڪ عام ماڻهو آهي ۽ الله کيس تمام گهڻي عزت ڏني، سياستدان جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن جي لاءِ سياست ڪن ته اسان جي قوم ترقي ڪندي. اسپيڪر چيو ته اسان جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خيرات ۽ عطيو ڏيندڙ ماڻهو آهن ۽ اعتماد بحال ٿيڻ تي اسان جا ماڻهو تيڪس به ڏيندا. هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سان سندس ڳالهه ٿي آهي. اسٽريٽ چلڊرن کي ب??تر تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. اسپيڪر چيو ته خصوصي ماڻهن جي ب??يادي ح??ن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.