اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سنڌ جي 14 پوئتي پيل ضلعن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ 446 ارب روپين جي لاڳت جو پيڪيج هڪ تحفو آهي، وفاقي حڪومت عام ماڻهو تي اضافي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين جو هدف وڌايو آهي، صوبائي شهر 2704 ??ان وڌائي 3412 ارب ٿي ويندو اهو اضافو 25 سيڪڙو آهي، مسلسل ٽيون ڀيرو خاص طور گذريل اڍائي سالن دوران پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڊليور ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، لُٽ مار، جعلي اڪائونٽ مان بيزار ٿي چڪي آهي. پنهنجي بيان ۾ ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اندروني سنڌ ۾ غربت، موذي مرضن جا سڀئي رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن پي بي حس سنڌ حڪومت ٽس ??ان مس ناهي ٿي، عو??م ان جي خلاف بيهي چڪي آهي.