اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هي??ن، نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 ه??ار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ه??ار 278، اسلام آباد ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمير ۾ 684 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.