اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 29 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 974 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 67 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 64 سيڪڙو مريض ??هن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙ??، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 74 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 127 ٽيسٽ ڪيا ويا ??ن مان سنڌ ۾ 9 هزار 634 پنجاب ۾ 22 هزار 624، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 672، اسلام آباد ۾ 7 هزار 564، بلوچستان ۾ 466، گلگت بلتستان ۾ 367، آزاد ڪشمير ۾ 822 ٽيسٽ شامل ??هن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 5 هزار 274 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن ??قت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 419 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 53 هزار 127 آهي.