اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏ??و آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪ??و آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي ره??و آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽي?? سان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪ??و آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ا?? سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽ?? سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو و??و آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو و??و آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.