م??فر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سم??ت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي انتظام ??يٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، م??فر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.