اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪ??پنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪ??يٽي جو چ??ئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چ??ئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪ??پنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي ??ان گهري دلچسپي جو اظهار ڪ??و.