اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ لاءِ گردشي قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پ??ش ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مواصلات کي هدايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پ??ش ڪن، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ??نيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پ??ش ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارش??ن هڪ م??ين?? ۾ ڪميٽي کي پ??ش ڪيون وڃن.