اسلام آ??اد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي باب?? ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي باب?? ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي باب?? ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزا??ت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزا??ت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.