اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري ن??شنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي ن??شنل ??يم??جنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊ??يوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊ??يوري يونٽ نيشنل ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ??يم??جنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ??يم??جنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ??يم??جنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.