اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه م??مود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته م??اف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمورين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.