اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن ان نظام کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائي سگهجي. هو ڪالهه سومر ڏينهن هتي ملڪ ۾ ٽيڪس جي ن??ام ۾ سڌارن جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص معاونين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين، اڳوڻي ن??ڻي واري وزير حفيظ پاشا، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻي?? سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ، مراعات يافته طبقن پا??ان ٽيڪس نظام جي غلط استعمال کي روڪڻ، ٽيڪس جي چوري ۽ ٽيڪس اهلڪارن جي بدعنوانين جي خاتمي ۽ نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سا?? مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون. وزيراعظم عم??ان خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته منصفاڻو ۽ شفاف ٽيڪس نظام موثر طرز حڪومت ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سا?? حڪومتي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ حڪم??ان طبقي جتي پنهنجي مفادن جي لاءِ ملڪي وسيلن جو غلط استعمال ڪيو اتي ٽيڪس جي ن??ام ۾ وقت بوقت ان انداز ۾ تبديليون ۽ ڦيرڦار ڪئي ويندي رهي آهي جو ٽيڪس جو سڄو بار عام عوام ۽ ننڍن واپارين ۽ ڪاروباري برادري تي پوي ٿو جنهن سا?? ننڍي ۽ وچين درجي جو ڪاروبار ۽ خاص طور تي عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي.