اسلام آباد – 31 م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب مت??ثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام کي هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يق??ني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا وائرس جي روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يق??ني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ په?? ، ??يگريڪلچر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.