اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ??اص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ??ورونا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هزار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت ??لاحڪار ڊاڪٽر معيد يو??ف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ??ورونا وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 آهي.