بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ??ي قيادت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس چيني ??م منصب ??ي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ چين ??سٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آندو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ مختلف شع??ن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين ??ي صدر ??ي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين ??ي دوري تي ٿورائتا آهيون.