اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شه??ين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شه??ين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شه??ين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ويو. هن چين ??ي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شه??ين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شه??ين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين ???? عيادت جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيني سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شه??ين کي بهت??ين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزيراعظم چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شه??ين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني شه??ين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شه??ين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. چيني سفير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظ?? واقعي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.