ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??زي??ن سيد نويد قمر?? سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي ??زي?? مصدق ملڪ، خاص ??عا??نين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري ٿيندي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ ??زي??اعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.