اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف 5 ڏينهن جي دوري تي اڄ سومر ڏينهن ڊيووس سوئيٽزرلينڊ پهچندو جتي هو ??المي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي عالمي اقتصادي فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاس شيواب چئن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪو اڱاري کان شروع ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ب??ان موجب وزيراعظم اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي مملڪ??ي ۽ حڪومتي سربراهن ۽ واپاري اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.