اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ڪرسمس جي پُرمسرت موقعي تي ??اڪ??تان سميت سڄي د??يا ۾ رهندڙ مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آه?? ته اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي کين خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. ??اڪ??تان حڪومت سمورين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ڪرسمس 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي مان ??اڪ??تان سميت سڄي د??يا جي مسيحي برادري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام همدردي، مهرباني، رحم ۽ حڪمت جهڙين پائيدار قدرن جي تربليغ ڪئي، ماڻهن جي نيڪ زندگي طرف رهنمائي ڪئي ۽ کين رب العزت جي قربت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي پ?? خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. حڪومت سمورين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا رهنداسين ته سمورن مذهبن جا ماڻهو آزاد طور تي پنهنجي عقيدن تي عمل ڪري سگهن ۽ ??اڪ??تاني قوم جي اجتماعي ترقيءَ ?? پنهنجو حصو وِجهن. هن چيو ته ان پُرمسرت موقعي تي منهنجي د??عا آه?? ته هي ڪرسمس هر گهر ۾ خوشيون ۽ برڪتون آڻي ۽ ايندڙ سال اسان جي پياري ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ اميد، امن ۽ ڪاميابين سان ڀريل هجي. سڀني کي ڪرسمس جون مبارڪون هجن.