اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊ??ڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پوليو وائرس جي موجوده صورتحال سڄي ملڪ جي ٻارن لاءِ سنگين خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پنهنجي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسل گوجرو د??ري دوران ڪيو. د??ري دوران هن پوليو مهم جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته 16 کان 22 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ جي 143 مخصوص ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم جاري رهندي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پولي?? کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ ۾ ڪاميابي اجتماعي ڪوششن ذريعي ئي ممڪن آهي.