استنبول – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دستاويزي فلمن جي تياري ۽ گڏيل نشريات جي تجويز پيش ڪن??ي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تما?? گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تما?? گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه هن ترڪيه جي قومي ٽي وي چينل ”ٽي آر ٽي ورلڊ“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل براڊ ڪاسٽ عمر فاروق تنيويردي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ميڊيا تعاون، گڏيل دستاويزي فلمن جي تياري ۽ سياحت جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ڀائراڻي لاڳاپن کي تما?? گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل آهي. هن ??يو ته ترڪيه جي حڪومت سان ڊرامن، دستاويزي فلمن جي گڏيل پروڊڪشن جي حوالي سان معاهدا اسان جي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو حصو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تما?? گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. سمر اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جو جيولين ٿرو جو رڪارڊ قائم ڪن??ڙ پاڪستاني نوجوان ارشد نديم جو ذڪر ڪن??ي وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي هڪ تما?? گهڻي متاثر ڪن??ڙ ڪهاڻي آهي. اسان اهڙن نوجوانن تي دستاويزي فلمون تيار ڪري سگهون ٿا. پاڪستان ۾ شندور پولو فيسٽيول جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شندور پولو فيسٽيول نه رڳو سياحت ۽ ثقافت پر راندين جي فرو?? جو پڻ سبب آهي. هن ??يو ته شندور پولو فيسٽيول دنيا جي بلند ترين مقام تي کيڏي ويندڙ پولو مئچ آهي. پي ٽي وي ورلڊ سان گڏجي شندور پولو فيسٽيول تي دستاويزي فلم پوري دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي گڏيل نشريات جي پڻ تجويز پيش ڪئي. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهبي قدر موجود آهن، ا??و ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تما?? گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن تي ڊيجيٽل دستاويزي فلمن جي تياري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽي آر ٽي ورلڊ جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو.