اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ لاڀائتي مشاورت ڪ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي گڏيل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر بيٽريس لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يو ??ين ۽ او آءِ سي) سيد حيدر شاهه ڪئي. ترجمان چيو ??ه ڌرين ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ??ه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي طور تي پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعميري طور تي ڪم ڪندا.